قادرداد  خان پٺاڻ جي تصوير

قادرداد خان پٺاڻ جي تصوير

قادرداد خان پٺاڻ

قادرداد خان پٺاڻ : آغا قادر داد پٺاڻ خيرپور رياست جو پهريون وزيراعظم هو. 16 جنوري 1844ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد گل خان پٺاڻ هڪ تاجر هو، جيڪو شڪارپور کان دهليءَ ويندي رستي تي ڦورن هٿان قتل ٿي ويو، ان ڪري قادر داد جي سنڀال ۽ پرورش پنهنجيءَ ماءُ ۽ مامي رحمت خان جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. کيس پهرين مدرسي ۾ ويهاريو ويو، جتي هن عربي ۽ فارسي پڙهي. نومبر 1859ع ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر آفيس ۾ رڪارڊ ڪيپر مقرر ٿيو، پهرين نومبر 1861ع ۾ ساڳيءَ آفيس ۾ اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ ۾ منشي ۽ 12 آڪٽوبر 1863ع تي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ منشي مقرر ٿيو، 19 جولاءِ 1866ع تي سيوهڻ جو مختيارڪار ٿيو ۽ ترقي ڪندي 1878ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. رياست خيرپور جو والي مير فيض محمد خان پنهنجي والد مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ 7 اپريل 1894ع تي گاديءَ تي ويٺو ته انگريز سرڪار آغا قادرداد خان کي خيرپور جو وزير اعظم مقرر ڪيو، هن جي قابليت پرکي انگريز سرڪار کيس وڏي اهميت ڏني. وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ آغا قادرداد خان ڪمشنر ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي راءِ کي گهڻي اهميت ڏيندو هو. سندس همعصر دور جو منشي ۽ تاريخ نويس خدا داد خان لکي ٿو ته ”هن اچڻ سان اڳوڻو نظام بدلائي نئون نظام شروع ڪيو. (1) ديوان اتم چند ۽ ٻيا منشي رياست جي اڇي ڪاري جا مالڪ بنجي ويٺا هئا، تن کي ڪڍي ڇڏيائين. الڳ الڳ کاتا کوليائين. مير صاحب جي شخصي ڪاروبار لاءِ جدا شاهي ڪئمپ جو عملو مقرر ڪيائين. (2) هڪ سؤ کان وڌيڪ اسڪول قائم ڪيائين. (3) هنري اسڪول ۽ ديني مدرسا قائم ڪيائين. (4) ڍل توڙي بٽئيءَ جو سرشتو سڌاريائين. (5) واهن مٿان پليون تعمير ڪرايائين. (6) ڪيتريون خوبصورت عمارتون جوڙايائين جن مان فيض محل به هڪ آهي. (7) خيرپور ۾ هڪ شاندار لائبريري قائم ڪيائين. (8) شاگردن لاءِ هاسٽلون تعمير ڪرايائين وغيره. سندس دور ۾ رياست خيرپور جي روينيو پيداوار، سال 1903ع تائين، تيرهن لک ڇهه هزار رپيا ٿي. هن سنڌ مدرسي کي ڇهن هزارن جي گرانٽ کان سواءِ ڏهه هزار رپيا هاسٽل لاءِ مدد طور ڏنا. انگريز سرڪار آغا صاحب کي سندس انتظامي هوشياريءَ، غير معمولي وفاداريءَ ۽ ڪامياب عملدار جي مڃتا طور 1892ع ۾ خانبهادر جو اعزاز ڏنو. اهڙيءَ طرح 1887ع ۾ انگريز سرڪار پاران کيس سي. آءِ. اي جو خطاب ڏنو ويو. اهڙي ريت ”خانبهادر قادر داد خان پهرين جون 1930ع تي خيرپور ۾ وفات ڪئي. شڪارپور ۾ دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو